مختلف شهرن ۾ اسڪولز 6 جون تائين بند رکڻ جو اعلان

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي تعليم واري وزارت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اسڪولز 6 جون تائين بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ميِڊيا رپورٽس موجب تعليم واري وزارت طرفان ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، ڪوئيٽا ۽ مظفر آباد سوڌو ڪيترن ئي شهرن ۾ اسڪولز 6 جون تائين بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، تعليم واري وزارت جو چوڻ آهي ته فيصل آباد، گجرات ۽ ملتان سوڌو پنجاب جي 20 شهرن، حيدرآباد، سکر سوڌو سنڌ جي 12 جڏهن ته سوات ۽ صوابي سميت ڪي پي جي 14 ضلعن ۾ اسڪول هاڻي 6 جون تائين بند رهندا، رپورٽ موجب مختلف شهرن ۾ اسڪولن کي بند رکڻ جو فيصلو ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 5 سيڪڙو کان وڌيڪ هجڻ تي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 5 سيڪڙ کان گهٽ وارن شهرن ۾ اسڪول 24 مئي کان کوليا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو