مختلف روڊ حادثن ۾ 10 ڄڻا زخمي هڪ ٻار جي حالت نازڪ

خانپور(زبيرگل)ٻن مختلف روڊ حادثن ۾ 2 ٻارڙن سميت10 ڄڻا زخمي،  اسپتال منتقل، ھڪ ٻارڙي کي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب  سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو. موٽرسائيڪل سوار خانپور کان غوثپور وڃي رھيا ھئا ته  بگن لاڙو وٽ موٽرسائيڪل جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب موٽرسائيڪل تان ڪري هڪ ئي گهر جا ڀاتي  عابد حسين نصيراڻي، ٻارڙو اظھر حسين،  ٻارڙو مزمل، مسمات رخسانه ۽ مسمات ستارا سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڪرم پور اسپتال نيو ويو جتي ڪو به عملو موجود نه هو. جنهن سبب کين خانپور اسپتال آندو ويو جتي کين ابتدائي امداد ڏني وئي. ھڪ ٻارڙي مزمل حسين کي ڳڻتي جوڳي حالت م سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي،  خانپور اسپتال م زخمي عابد نصيراڻي ء شاھد نصيراڻي دلبر نصيراڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڪرم پور اسپتال ۾ ڪو ماڻهو ئي نه هو. متاثرن صحت جي صوبائي وزير ۽ سيڪيريٽري ھيلٿ سميت اعلي اختيارن کان نوٽيس وٺي ڪرم پور اسپتال م ڊاڪٽرن جي موجودگي يقيني بنائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ھوڏانھن ڌار ڌار پيش آيل حادثن ۾ موٽرسائيڪلن تان ڪرڻ سبب الڳ الڳ 5 ڄڻا شاھمراد، پرويز علي، جبران، خير محمد،  نھال خان زخمي ٿي پيا جن کي خانپور اسپتال آڻي طبي امداد ڏني وئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو