محمد اورنگزيب جي سعودي ناڻي واري وزير سان ملاقات

محمد اورنگزيب جي سعودي ناڻي واري وزير سان ملاقات

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب واشنگٽن ۾ سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد عبدالله عبدالعزيز الجدعان سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ خانگي سيڙپڪاري جي فروغ تي بحث ڪيو، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پنهنجي سعودي هم منصب کي قومي ايئر لائن ۽ هوائي اڏن جي نجڪاري تي ٿيندڙ اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر منصوبن لاءِ سعودي عرب جي مدد جي خواهش جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو