محرم ۽ ڪرڪٽ ميچز لاءِ فول پروف سيڪورٽي پلان منظور

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران 8 محرم الحرام جي رات کان 10 محرم جي رات تائين ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل جي ٻٽي سواري تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصل سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. جنهن ۾ محرم الحرام دوران امن امان قائم ڪرڻ ۽ پاڪ سريلنڪا هڪ ڏينهن واري سيريز جي حوالي سان حفاظتي اپائن ۽ سيڪورٽي سخت ڪرڻ بابت تفصيلي غور بعد جامع پلان منظور ڪيو ويو. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪشمير جو معاملو وڏو آهي، ان لاءِ اسان کي محرم الحرام ۾ سيڪيورٽي جا انتظام بهتر ڪرڻا پوندا. هن چيو ته گذريل 3 سالن ۾ ڪوبه وڏو واقعو ناهي ٿيو ۽ اها سيڪورٽي ادارن جي ڪاميابي آهي. اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته 8 محرم جي رات کان 10 محرم يوم عاشور تائين ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل جي ڊبل سواري تي پابندي لڳائي ويندي. شڪارپور، ڪشمور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ دادو ۾ سادن ڪپڙن ۾ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. عام ۽ ضمني چونڊن ۾ استعمال ڪيل سي سي ٽي وي ڪيمرن کي مجلسن ۽ جلوسن جي مانيٽرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اجلاس دوران گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته محرم الحرام کان پوءِ 25 سيپٽمبر کان سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪراچي ۾ 3 ميچ کيڏندي. جنهن تي وزيراعليٰ چيو ته اسان ڪرڪيٽ ميچن لاءِ به زبردست انتظام ڪنداسين. اسان جي ڪوششن سان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪراچي ۾ واپس آئي آهي. اها اسان سڀني جي گڏيل ڪاميابي آهي. پاڪ فوج، رينجرز، پوليس ۽ سڀني کان وڌيڪ ڪراچي جي عوام جي ڪري شهر ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٿي رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو