محرم دوران سيڪيورٽي جي حوالي سان ضروري اپاءَ وٺڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس اڄ آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي مڪاني ادارن وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جيز ۽ وڊيو لنڪ ذريعي ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه امن امان جو جائزو ورتو ۽ پوليس آفيسرن کي صوبي جي سمورن ضلعن ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ ضروري هدايتون ڏنيون ۽ محرم الحرام دوران سيڪيورٽي جي حوالي سان ضروري اپاءَ وٺڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو