محراب شاخ ۾ رشوت نه ڏيڻ تان پاڻي بند فصل سڪڻ لڳا،احتجاج

ھالاڻي (طارق جان سهتو) محراب شاخ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ تي آبپاشي عملدارن خلاف آبادگارن احجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مظاهري کي خطاب ڪندي آبادگارن مولابخش چانگ، غلام نبي، عدالت، شير علي، امجدالله، مقبول احمد، علي اصغر چانگ ۽ ٻين چيو ته آبپاشي عملدار محراب شاخ ۾ پاڻي نه ڇڏيو آهي اهي هٿ سان اسان جا فصل سڪائڻ چاهن ٿا ڇا ڪاڻ ته محراب شاخ مان وري ٻيون شاخون نڪرن ٿيون جن ۾ نئون آباد شاخ، سانگي شاخ ۽ کاڙڪ شاخ شامل آهن. هنن چيو ته انهن چئين شاخن ۾ پاڻي نه پهچڻ جو ذميوار آبپاشي داروغو سڪندر شاه آهي هو اسان آبادگارن کان رشوت گھري رهيو آهي نه ڏيڻ جي صورت ۾ هن پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اسان جا فصل ووئنڻ ،ڪمند، جوئر ۽ ڪيلن جا باغ سڪي رهيا آهن فصلن تي اسان لکين روپيا خرچ ڪيو آهي فصلن کي پاڻي نه مليو ته اهي سڪي سڙي ويندا ۽ اسان واپارين جا قرضي ٿي وينداسين هنن آبپاشي وزير ۽ چيف انجنيئر کان مطالبو ڪيو ته محراب شاخ ۾ جلد پاڻي ڇڏيو وڃي ۽ آبپاشي عملدار خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ نيشنل هاءِ وي تي درڻو هڻنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو