آءِ ايم ايف جي شرطن سبب عوام کي رليف نٿا ڏئي سگهون

آءِ ايم ايف جي شرطن سبب عوام کي رليف نٿا ڏئي سگهون

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُالله چيو آهي ته اسان ماڻهن کي تڪليف ڏيڻ چاهيون ٿا پر آءِ ايم ايف جي شرطن سبب نه پيا ڏئي سگهون.نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته عمران خان پروجيڪٽ جي لانچ کان پوءِ ملڪ ۾ تباهي آئي، 2017 ۾ مهانگائي 3 سيڪڙو هئي جيڪا 4 سالن ۾ 40 سيڪڙو تي اچي وئي هن چيو ته اسان ماڻهن کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا پر آءِ ايم ايف جي شرطن سبب نه پيا ڏئي سگهون، آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل هوندو ته عوام کي رليف ڏئي سگهنداسين. وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته اسان جي اولين ترجيح آهي ته ملڪ اڳيان وڌي، ترقي ڪري، ماڻهن جي لاءِ آساني ٿئي جن ماڻهن ماضي ۾ ملڪ کي نقصان پهچايو انهي جي حساب جو وقت اچي سگهي ٿو پر ملڪ جي بهتري لا ڪم ٿيڻ گهرجي. انهن ماڻهن جو حساب بعد ۾ به ٿي سگهي ٿو.راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته هريپور ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي تي خوشي به ٿي ۽ حيراني به، ڪي پي ڪي جو وڏو وزير هريپور ۾ مهم هلائي رهيو هو، ڌمڪيون به ڏئي رهيو هو، ڪوڙا ڪيسز، گارين، نفرت جهڙن معاملو جو نتيجو بهتر نٿو نڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو