ميرپور ماٿيلو (رپورٽ ظھير وسير) ميرپور ماٿيلو جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ الهه بخش ڇڄن ۾ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جتي زهريلو پاڻي پيئڻ سبب پنج معصوم ٻار فوت ٿي ويا. واقعي کان پوءِ ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي آهي صحت کاتي موجب ٻار راند ڪندي ڪپهه تي اسپري ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪيڙي مار دوا جي خالي بوتل ۾ پاڻي وجهي پي ويٺا، جنهن کان پوءِ سندن حالت اوچتو خراب ٿي وئي وارثن فوري طور تي ٻارن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ٻن ٻارن ٻه ڏينهن اڳ سکر اسپتال منتقل ڪندي رستي ۾ دم ڏنو، هڪ ٻار گذريل ڏينهن فوت ٿيو جڏهن ته وڌيڪ ٻه ٻار اڄ زندگي وڃائي ويٺا۔ فوت ٿيل پنجن ئي ٻارن جون عمريون تقريبن 7 کان 9 ورهين جي وچ ۾ ٻڌايون پيون وڃن۔ واقعي بعد صحت کاتي جي ٽيم متاثر ڳوٺ پهچي وئي آهي ۽ وڌيڪ جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي ذريعن موجب فوت ٿيل سڀئي ٻار هڪ ئي ڳوٺ جا رهواسي ۽ پاڻ ۾ ويجها مائٽ هئا هن دل ڏاريندڙ واقعي بعد علائقي ۾ غم جو ماحول آهي ۽ ماڻهو متاثر خاندانن سان ڏک ونڊڻ لاءِ وڏي انگ ۾ پهچي رهيا آهن مقامي ماڻهن مطالبو ڪيو آهي ته زرعي زهريلي دوائن جي استعمال ۽ محفوظ رکڻ بابت آگاهي ڏني وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا حادثا ٻيهر پيش نه










