صوبي ۾ ماحول دوست اليڪٽرڪ ٽيڪسي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت طرفان صوبي ۾ بجلي تي هلندڙ ماحول دوست اليڪٽرڪ ٽيڪسي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيندڙ هڪ اعليٰ سطحي اهم اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال دوران عوام کي وڌيڪ سفري سهولتن جي فراهمي لاءِ 25 بلين رپين جي لاڳت سان 500 نيون بسون خريد ڪري پيپلز بس سروس ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سليم راجپوت، سي اي او ٽرانس ڪراچي طفيل پليجو، پي ڊي ييلو لائن امير اويسي، جي ايم ريڊ لائن پير سجاد، پي ڊي پي ايس بي صهيب به شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ حيدرآباد ۾ هٽڙي کان کيسانہ موري تائين پيپلز بس سروس جو نئون روٽ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن هدايت ڪندي چيو ته هٽڙي کان کيسانہ موري تائين نئين روٽ جي ٽرائل ٽن ڏينهن اندر شروع ڪئي وڃي.صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو ته نئون روٽ شروع ٿيڻ سان شهري ۽ ٻهراڙي آباد ۾ رهندڙ عوام کي سستي ۽ آرام ڏيندڙ سفري سهولت مهيا ٿيندي.ٽرانسپورٽ واري وزير ڪراچي شهر ۾ پيپلز بس سروس جي سمورن بسن کي روڊ تي آڻڻ جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته بيڪ اپ ۾ بيٺل بسون به عوام جي سهولتن لاءِ فوري طور تي فعال ڪيون وڃن.هن چيو ته 15 جون تائين وڌيڪ 20 بسون سنڌ حڪومت کي ملي وينديون ۽ انهن کي به عوام کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پيپلز بس سروس ۾ شامل ڪيو ويندو.شرجيل انعام ميمڻ هدايتون جاري ڪيون ته ڪٿي به بسن جي اوور ليپنگ نه هئڻ گهرجي، پيپلز بس سروس جون سموريون بسون روڊ تي هئڻ گهرجن، گلي گلي ۾ پيپلز بس سروس جي بسن ذريعي عوام کي سهولتون پهچايون وڃن.ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ اورينج لائين، گرين لائين ۽ ريڊ لائين بسن کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ فوري رٿابندي جي هدايت ڪئي.هن چيو ته ايندڙ مالي سال دوران 500 بسن جي خريداري ڪئي ويندي، ٽرانسپورٽ کاتو ان حوالي سان پروپوزل تيار ڪري، هن چيو آهي ته عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس شروع ڪئي ويندي، شروعاتي طور تي ڪراچي ۾ 200 اليڪٽرڪ ٽيڪسيز هلايون وينديون، 50 پنڪ ٽيڪسيز عورتن لاءِ مختص هونديون.شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عورتن لاءِ مخصوص پنڪ ٽيڪسي لاءِ عورت ڊرائيورز کي هاير ڪيو ويندو، اليڪٽرڪ ٽيڪسي سان عوام کي سستي سفري سهولتون فراهم ڪيون وينديون.هن چيو ته ايس ايم ٽي اي تحت شروع ٿيندڙ اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس سان بيروزگار نوجوان کي روزگار جا موقعا ملندا، ماحول دوست ٽيڪسي هلائڻ سان اربين رپين جي تيل جي بچت ٿيندي، عوام ۽ حڪومت ٻنهي کي فائدو پهچندو.هن چيو ته شهر ۾ مختلف هنڌن تي اليڪٽرڪ ٽيڪسين لاءِ چارجنگ ۽ پارڪنگ ڊيپو ٺاهيا ویندا.اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سليم راجپوت طرفان جي سي يونيورسٽي حيدرآباد جي استادن ۽ شاگردن جي سهولت لاءِ ٻه ڀيرا پيپلز بس سروس هلائڻ جي تجويز ڏني وئي.جنهن تي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ رٿابندي جون هدايتون جاري ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو