لُڙهيل بند جو ڪم نه ٿيو ڪاڇي ۾ وري ٻيهر تباهي جو خطرو

ڊرگهه بالا(رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ ) ڪاڇي جي سوين  ڳوٺن کي ٻوڙيندڙ گاج ندي کي لڳل بند کي  تازو آيل ٻوڏ دوران 3 ھزار  ڦُٽ تائين مختلف جاين تان بند لڙهي ويو آهي. باقي هنڌن تي وڏيون روڻيون لڳل ڪيترين ئي آرڊين وٽان بند جي حالت تمام ڪمزور ٿي چُڪي آهي , موسميات کاتي پاران امڪاني برساتن سبب علائقي واسين جو وري ساھُ مُٺ ۾  بند جي ڪمزور حالت سبب وڌيڪ تباهي جو خوف پکڙجي ويو 2011ع جي برساتن دوران ٽُٽل بند جي مرمتي ڪم جا هر سال لکين رپيا آبپاشي کاتي دادو ضلعي کي ملڻ باوجود ڪم کي مڪمل نه ڪرايو ويو.

Photo Sindhyar

گذريل ستن سالن کان ايريگيشن کاتي دادو جي آفيسرن سياسي آشيرواد سان هر سال مرمت لاء ملندڙ ڪروڙين  رپيا چٽ ڪري ڇڏيا,  گاج بند جي اندرين حصن کي لڳل ليڪيج ۽ڪريڪ مڪمل ستن سالن ۾ مرمت نه ٿيڻ سبب اندريان حصا پاڻي جي وھڪرن سبب مڪمل ٽٽي ختم ٿي ويا آهن. موسميات کاتي پاران  بلوچستان جي پھاڙن کان وڏي پاڻي جي وھڪري جي امڪان سبب گاج بند ٽٽل هئڻ سبب وڌيڪ حصن کي خطرو ٻڌايو پيو وڃي جنھن ڪري ڪاڇي ۾ ٻيهر وڏي تباهي, سوين ڳوٺن جي ٻڏڻ ۽ سوين انساني جانين جي ضايع ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آھي.

Photo Sindhyar

تازو نئين گاج ۾ آيل ٻوڏ بند جي ڪيترن ئي آرڊين کي سخت نقصان پهچايو جنهن ڪري اندرين حصن مان پٿر ۽ تارون به اکڙي ويون ڪاڇي ۾ آيل تباهي کانپوء هن وقت تائين دادو ضلعي انتظاميه ڊي سي, آبپاشي کاتي جي ڪنهن به ذميوار آفيسر بند جو معائنو ناهي ڪيو. گاج بند جي معائني ۽ آبپڪلاڻي وارين موسمن ۾ ٻوڏ جي آگاهين ڏيڻ لاء گاج بنگلن تي قائم ايريگيشن آفيس ڀوت بنگلو بڻيل ذريعن موجب آبپاشي کاتي پاران دادو جي هڪ  چيف انجئينر ۽ سب ڊويزن گاج  سميت بند تي مقرر ايس ڊي او, چار سرويئر, چار داروغا, ڏھ بليدار ۽ ٻيو عملو مقرر ٿيل, پر گذريل ڏھن سالن کان آفيس تان  سمورا ملازم غائب رهيا, عمارت جا ڪمرا برساتن دوران ڊھڻ تي اچي ويا پر هن وقت تائين آبپاشي عملي جو ملازم ڊيوٽي تي اچي نه سگهيو, برساتن ۽ ٻوڏ جون آگاهيون گاج بنگلن تي ويٺل مقامي ماڻھون علائقي واسين کي آگاهيون ڏيڻ لڳا. گاج بند انگريز سرڪار 40 واري ڏھاڪي ۾ ٺھرايو جيڪو گاج بنگلن کان مير الهيار خان ٽالپر قبرستان تائين ويهه ڪلوميٽر تعمير ڪرايو ويو, انتظامي نااهلين,  بند جي مالڪي نه ڪرڻ سبب هن وقت تائين  ڪاڇي ۾ 4 وڏيون ٻوڏون آيو پهرين ٻوڏ 1947, 95, 12, 2020 ۾ آيل تازي ٻوڏ ڪاڇي جو ڍانچو ئي تباه ڪري ڇڏيو آهي, ذريعن موجب ڪاڇي ۾ آيل ٻوڏن جا ڪارڻ بند جا ٺيڪا سياسي سفارشن تحت  من پسند ماڻھن ۽ ڪرپٽ عملدارن کي ڏيڻ ڄاڻايو ويو آهي, ڪوڙ ٽنيڊرن وسيلي گاج بند جي مرمت جا ڪروڙين رپيا مرمت ڏيکاري هڙپ ڪيا ويا.

Photo Sindhyar

جنهن ۾ ايريگيشن انجئينر دادو, سميت ٻيا ڪامورا ملوث رهيا. گاج بند جي مرمتي ڪم دوران آبپاشي کاتي دادو جي ڪامورن مقامي ۽ تجربيڪار ٺيڪيدارن کي نظر انداز ڪري غير تجربيڪار ۽ اڻ ڄاڻ ماڻھن کي سفارشن عيوض ڪم ڏيڻ جي حوالي سان۽ گاج بند بابت ڄاڻ رکندڙ سينيئر صحافي جي ايم لنڊ ٻُڌايو ته جيڪڏھن گاج بند جي مرمت ۾ آبپاشي کاتي مقامي ٺيڪيدارن کي نظرانداز ڪيو ته بند جو مضبوط رهڻ ناممڪن آهي ٻاهرين ٺيڪيدارن کي ڪوبه تجربو ناهي هن چيو ته سرڪار بند جي مرمتي ڪم ۾ مقامي ٺيڪيدارن کي اوليت ڏئي. ڪاڇي جي مختلف سياسي سماجي ڌرين ,ايم اعظم بلوچ,  عطاالله کچي, حاجي رزاق لنڊ, رئيس علي احمد لنڊ, رئيس ذوالفقار علي لنڊ, ڪامريڊ وزير لغاري ۽ ٻين وزيراعظم پاڪستان, چيف جسٽس سپريم ڪورٽ, سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس, کان مطالبو ڪيو ته گاج بند ٽُٽڻ سبب ڪاڇي ۾ آيل ٻوڏن جي ذميوار دادو ضلعي جا ڪامورا آهن جن  مرمتي ڪم ڪرپشن ۾ وڏي ڪرپشن ڪئي ۽ ڪروڙين رپيا کائي چٽ ڪيا ان موقعي تي انهن مطالبو ڪيو ته ,جانچ ڪري ھنگامي بنياد تي گاج بند جي مرمت ڪرائي ڪاڇي ۽ جوھي واسين کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي آيل تباهي جو ڪيس آبپاشي عملدارن تي داخل ڪيو وڃي 

پهنجو تبصرو موڪليو