ليڊي اهلڪار سان ٿاڻي ۾ زيادتي جي ڪوشش، ايس ايس پي پاران جاچ جو حڪم

گهوٽڪي (ڊ ر) ڏهرڪي ٿاڻي تي حراست ۾ ورتل عورتن جي سڪيورٽي لاء مقرر ليڊي پوليس اھلڪار سان زيادتي جي ڪوشش، نشي م ڌت جمعدار رحيم سومرو ليڊي اھلڪار (رپ) سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي تہ ھن رڙيون ڪيون. ليڊي اھلڪار جي رڙين تي ٿاڻي جو عملو گڏ ٿي ويو۽ ڊي ايس پي به پھچي ويو. ايس ايڇ او طفيل ڀٽو ليڊي پوليس اھلڪار کي پئسا ڏئي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ليڊي پوليس اھلڪار ايس ايڇ او کي پئسا منھن ۾ اڇلائي هنيا. ڊي ايس پي اوٻاڙو معاملو سلجھائڻ لاء جمعدار ء ليڊي پوليس اھلڪار کي پنھنجي آفيس کڻي ويو. ڏھرڪي پوليس پاران ڇاپي ۾ ھٿ آيل عورتن جي سڪيورٽي لاء ليڊي پوليس اھلڪار کي مقررڪيو ويوھيو .ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ لنجار معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ متعلقه اهلڪار کي معطل ڪري جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو