مخالفن ۾ جهيڙو، اي ايس آءِ سميت 3 قتل، ڊي ايس پي زخمي

لاڙڪاڻو (ن س) لاڙڪاڻي شهرجي نئون ديرو بائي پاس وٽ ٻن گروپن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ سميت 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5ڊي ايس پي صدر سميت2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو ميديا کي ٻڌايو ته علي حسن ڏاهاڻي جي ڌر چانڊين جي ڌر سان جهيڙو ڪيو فائرنگ جي مٽا سٽا ۾ حسن چانديو ۽ عمران ڏاهاڻي موقعي تي مارجي ويا. جڏهن پوليس پهتي ته ڌرين جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ماهوٽا ٿاڻي جو اي ايس آءِ  سلطان شاهه شهيد ٿي ويو ۽ ڊي ايس پي بشير شر زخمي ٿي پيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

https://twitter.com/MediaCellPPP/status/1756583159959879777
پ پ چيئرمين واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي. علائقي م ڇڪتان برقرار آهي ۽ پوليس جي وڏي نفري تعينات آهي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو