لاهور ۾ پهريون آءِ ٽي سٽي ٺاهي رهيا آهيون: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته لاهور ۾ پاڪستان جو پهريون آءِ ٽي سٽي ٺاهيو پيو وڃي.وڏي وزير مريم نواز جي صدارت هيٺ ڪابينا جو ٽيون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سالياني بجيٽ ۽ سپليمنٽري بجيٽ گرانٽ جي منظوري ڏني وئي.پاڪستان جي سڀ کان وڏي آئي ٽي سٽي ٺاهڻ لاءِ زمين سي بي ڊي کي منتقل ڪئي ويندي.مريم نواز جو چوڻ آهي ته ٽيڪن جنن آءِ ٽي سٽي ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي.وڏي وزير پنجاب جي آءِ ٽي سٽي جا ٻئي ٽاور هڪ سال ۾ مڪمل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.اجلاس ۾ 20 هزار اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن جي فراهمي جي منصوبي جي به منظوري ڏني وئي.مريم نواز چيو ته آلودگي کي گهٽائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ سائيڪلون ضروري آهن پر بيٽري چوري ۽ گهٽ مائليج سبب اهي في الحال مناسب ناهن، اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن سان گڏ پيٽرول سائيڪلون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هن چيو ته شاگردن تي بار گهٽائڻ لاءِ ڊائون پيمينٽ 25 هزار ۽ ماهوار قسط 5 هزار کان گهٽ ڪئي ويندي، سائيڪلن جي ورڇ هلندڙ سال مئي کان شروع ڪئي ويندي.مريم نواز چيو ته هو امتحانن ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن کي سائيڪلون ڏيڻ لاءِ الڳ اسڪيم آڻيندا.ان کان علاوه اجلاس ۾ نالج پارڪ کي پنجاب سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ اٿارٽي جي حوالي ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.مريم نواز چيو ته نالج سٽي ۾ ڪيمپس ٺاهڻ لاءِ دنيا جي وڏن تعليمي ادارن کي دعوت ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو