لاهور: ڊي ايڇ اي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب 2 ٻارڙا فوت

لاهور: ڊي ايڇ اي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب 2 ٻارڙا فوت

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي ڊي ايڇ اي فيز 5 ۾ واقع هڪ گهر جي سرونٽ ڪوارٽر ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ٻار فوت ٿي ويا.ريسڪيو عملدارن موجب، لاشن کي مرده خاني منتقل ڪيو ويو. فوت ٿيل ٻارن جي سڃاڻپ 5 سالن جي سعد ۽ 3 سالن جي عليزا جي طور تي ڪئي وئي آهي.باهه وسائڻ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو، پوليس جي وڏي نفري پڻ موقعي تي پهچي وئي ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي.شروعاتي طور تي باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو