لاهور )ويب ڊيسڪ)لاهور جي علائقي چوهنگ ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 جوابدار مارجي ويا.پوليس موجب مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ 45 ورهين جي عبدالرحمان ۽ 32 ورهين جي نصرالله طور ٿي آهي.پوليس ٻن جوابدارن کي کڻي وڃي رهي هئي ته رستي ۾ جوابدارن جي ساٿين فائرنگ ڪري ڏني.فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻنهي جوابدارن پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا.ٻنهي جوابدارن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته فرار ٿيل ساٿين جي ڳولا جاري آهي.
