اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب ۾ چيو آهي ته ايمنيسٽي اسڪيم مان فائدو وٺو۽ پنهنجي بي نامي ملڪيت ملڪ اندر يا ٻاهر ظاهر ڪريو ۽ ٽيڪس ادا ڪريو، وري اهو موقعو نه ملندو ۽ اسان وٽ اها معلومات آهي جيڪا اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت کي ڪڏهن نه ملي آهي. هن چيو ته عوام ٽيڪس نه ڏيندو ته ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو ۽ اسين عظيم ملڪ بڻجي نه سگهنداسين. هن ٻڌايو ته گذريل 10 سالن م قرض 6 هزار ارب مان وڌي 30 هزار ارب ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٽيڪس 4 هزار ارب گڏ ٿئي ٿي جنهن مان اڌ قرضن جي ادائگي ۾ هليو وڃي ٿو. هن چيو ته جيتري اسين ٽيڪس جمع ڪريون ٿا، دنيا جا ڪجهه ملڪ اوتري رقم خيرات ۾ ڏيندا آهن. هن پاڪستاني شهرين کي خبردار ڪيو ته پنهنجي بي نامي ملڪيت ظاهر ڪريو، حڪومت وٽ سڀني جي معلومات موجود آهي ۽ بعد ۾ پڇتاءُ کان بچو.
تازيون خبرون
مشهور خبرون
![](https://www.dailysindhyar.com/wp-content/uploads/2024/06/patti-1-1536x173-1.jpg)