قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي بحريا ٽائون انتظاميه خلاف احتجاج

ڪراچي  ( باغي ساگر پنھوار  ) بحريا ٽائون انتظاميان پاران سنڌي وسنديون ڊاھڻ،عورتن سميت سوين ماڻھن تي تشدد خلاف قومي عوامي تحريڪ ملير  مرڪزي سڏ تي  مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ناھيد جوڳي،ملير صدر  ڪاشف خاصخيلي، سينگار بليدي ضلع ڪورنگي صدر منور برھماڻي،ضمير لغاري، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيل ٽائون موڙ کان نصيرآباد موڙ تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، تفصيل موجب، بحريا ٽائون انتظاميان پاران نور محمد گبول ڳوٺ، ۽ ڀرپاسي جي ٻين سنڌي ڳوٺ  ڊاھڻ،عورتن،ٻارن، مردن تي تشدد ڪرڻ خلاف نيشنل ھاء وي تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته بحريا ٽائون انتظاميان پاران سنڌي ڳوٺن تي حملو کلي بدمعاشي آھي،انسانيت جون سموريون حدون اورانگھيون ويون چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پائمال ڪيو ويو عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڏاڍ ظلم جي انتھا آھي،ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا،ملڪ ڪرونا وبا جي گھيري ۾ آھي،ھن مشڪل گھڙي ۾ ماڻھون گھرن تائين محدود آھن، بدمعاش بحريا انتظاميا موقعي جو فائدو وٺي، اھو سمجھي ٿي ته موتمار ڪورونا جي افراتفري ۽ خوف دوران سنڌين جا ڳوٺ ڊاھي، قبضا ڪري ۽ ڪراچي جي ڌار بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ٺاھي سنڌ جو تخت گاھ، اسانجي ڳوٺاڻن جي ابن ڏاڏن جون ھزارين سالن جون ملڪيتون ۽ زمينون ڌارين حوالي ڪري ڇڏيندا، ان سازش کان غافل ۽ لاتعلق ھرگز ناھيون، پنھنجي ڌرتي ڌارين کي ڏئي زندھ رھڻ، موت کان به بدتر  آھي،قومي عوامي تحريڪ ھميشه سنڌ دشمن منصوبن جي خلاف ميدان ۾ بهي مقابلو ڪيو آھي،ڪڏھن ڪراچي اندر حد دخلين جي نالي تي سنڌي ڳوٺن کي ڊاھيو وڃي ٿو ته ڪڏھن ناجائز اڏاوت جي بھاني سنڌين کي ئي ھيسايو وڃي ٿو،افغانين،بنگالين،برمين کي سمارٽ ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ لسانيت ڦھلائڻ جون سازشيون ڪيون وڃن پيون،جيڪي ڪڏھن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏبيون، ان خلاف اڄ به قومي عوامي تحريڪ جدوجھد جي عمل ۾  آھي، اسان گبول ڀائرن سان گڏ آھيون،ڪنھن به سنڌي کي اڪيلو ڪون ڇڏبو

پهنجو تبصرو موڪليو