قومي شاعر جمن دربدر جي 76 هين سالگرهه ملهائي وئي

عمرڪوٽ(ڊ ر) سنڌ جي ناليواري قومي شاعر ماما جمن دربدر جي 76 هين سالگره جي موقعي تي سنڌ ادبي فورم پاران ڳوٺ روحل واءِ ۾ ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب منعقد ڪئي ويئي. جنھن ۾ ناميارن شاعرن، اديبن، ليکڪن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ميرحسن آريسر، ارباب نيڪ محمد، حليم باغي، حاجي ساند، اشرف پلي، اڪبر پلي، غلام مصطفي کوسو، صالح آريسر، سائينداد منڱريو، سھيل ڪنڀر، سليمان راھمون، منور پلي، بنسي مالهي، شهاب نهڙيو، ڊاڪٽر جوڌو مل، طيب آريسر، علي رضا راڄڙ، شڪيل ازهري، ڊاڪٽر ليکراج راٺوڙ، عتيق ڪنڀار، ڀاڳچند ميگھواڙ سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ قومي شاعر ماما جمن دربدر جي شاعري جي پورھئي تي روشني وجھندي سندس وڏي ڄمار لاء دعا گُھري ويئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو