قومي اسيمبلي جو ماحول معمول تي نه آيو

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) قومي اسيمبلي جو ماحول معمول تي نه آيو، اپوزيشن ليڊر شهبازشريف جي تقرير شروع ٿيندي ئي اڄ به گوڙ شروع ٿي ويو، هڪ اپوزيشن ميمبر پاران اڇلايل بوتل حڪومتي ميمبر اڪرم چيمه کي لڳي وئي، جنهن تي اسپيڪر اسد قيصر ڪاوڙ ۾ اچي ويو، اسپيڪر ايوان جو ماحول خراب ڪندڙ ميمبرن کي ٻاهر وڃڻ جي هدايت ڪئي، صورتحال معمول تي نه اچڻ ڪري اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو