قومي اسمبلي مان اڪثريت راءِ سان نئين سال جي بجيٽ منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت اپوزيشن جي گوڙ ۽ مخالفت جي باوجود پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائي ورتي . ان کان اڳ جڏهن فنانس بل جي منظوري لاءِ زباني يعني وائيس ووٽنگ ٿي ته اپوزيشن جو آواز بجيٽ رد ڪرڻ جي حق ۾ وڌيڪ سگهارو هو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ٻيهر وائيس ووٽنگ ڪرائي ته به حڪومت وارن جي ‘ها’ جي ڀيٽ اپوزيشن جو ‘نو’ سگهارو هو۔ جنهن بعد يوسف ٽالپر جي مطالبي تي ڳڻپ ڪرائي وئي ته ان دوران وزيراعظم عمران خان ۽ سندس چيمبر ۾ ويٺل ميمبر به ايوان ۾ اچي ويا. اجلاس جي صدارت لاءِ به اسپيڪر اسد قيصر آيو. ڳڻپ بعد اسپيڪر اعلان ڪيو ته فنانس بل جي حق ۾ 172 ووٽ ۽ مخالفت ۾ 138 ووٽ آيا آهن. جنهن بعد شق وار منظوري شروع ڪئي وئي. ان کان اڳ بجيٽ تي بحث دوران ميمبرن پاران اٿاريل اعتراضن ۽ ڪيل تنقيد جو جواب ڏيندي ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو ته ڄاڻي واڻي ٽيڪس نه ڏيندڙن کي جيل ۾ وجهنداسين انهن سان ڪا رعايت نه ٿيندي. اسين پهريون ڀيرو غريبن لاءِ، هارين ۽ مزدورن لاءِ بجيٽ ۾ روڊ ميپ ڏنو آهي. هن چيو ته 18 کرب روپين جي تجارت ڪندڙ واپاري ٽيڪس نٿا ڏين، رڳو 3 کرب جي تجارت تي ٽيڪس ملي ٿو اسين ٽيڪس بيس وڌائينداسين، ڪو به نئون ٽيڪس ناهي لڳايو، واپاري صارفين کان ٽيڪس وٺن ٿا پر حڪومت وٽ جمع نٿا ڪرائين انهن کي گرفتار ڪنداسين. شوڪت ترين چيو ته گذريل سال زراعت لاءِ صرف ڏيڍ ارب رکيو ويو هو هن سال 62 ارب رکيا آهن. هن چيو ته ڪڪڙن تي ٽيڪس سان هارين تي ڪو فرق نه پوندو. ڪاٽن فيڪٽري وارا اها ٽيسڪ ڀريندا. ان کان اڳ سيد خورشيد شاهه ۽ علي وزير کي اسپيڪر جي پروڊڪشن آرڊر تي ايوان ۾ آندو ويو جن بجيٽ بحث ۾ حصو به ورتو.

بجيٽ جا تفصيل ڏسڻ لاءِ هي خبر پڙهو

کير ۽ انٽرنيٽ تان ٽيڪس ختم، فون ڪال تي لاڳو

خساري واري وفاقي بجيٽ پيش

پهنجو تبصرو موڪليو