ضامن رد ٿيڻ کان اڳ ئي ملزم عدالت مان فرار،جج ناراض

نوشهروفيروز(رپورٽ مشتاق حسين مري) فرسٽ ايڊيشنل اينڊ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج عبدالوحيد شيخ جي عدالت مان قتل ڪيس جو جوابدار ارشاد ماڇي فتوا اچڻ کان اڳ فرار ٿي ويو، جنهن بعد عدالت فتويٰ محفوظ ڪندي جوابدار جي ضامن کي طلب ڪري ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جوابدار پيش ڪريو نه ته ملڪيت ضبط ڪئي ويندي. واضح رهي ته فريادي نديم خان نوشھروفيروز ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته جوابدار پريل وسطڙو، ارشاد ماڇي، ياسين عمراڻي، قربان رند ۽ انور حجم اسان جي گھر ۾ داخل ٿي چوري ڪري رهيا هئا ته گهرڀاتين جي جاڳڻ تي جهيڙو ٿي پيو. جنهن تي جوابدارن پسٽل جا فائر ڪري منهنجي ڀيڻ مارل عمراڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. عدالت ۾ فريادي جي وڪيلن ذوالفقار پنهور، شڪيل احمد عباسي ۽ جوابدار جي وڪيلن ارباب علي، صفدر اڄڻ، اياز مري، ديوان ڌنراج پنهنجا دليل مڪمل ڪيا ته ڪيس فتويٰ تي اچڻ کان اڳ جوابدار ارشاد ماڇي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. عدالت جوابدار جي ضامن کي گهرائي چيو ته جوابدار کي پيش ڪر نه ته ٻي صورت ۾ اوهان جي ضمانت ۾ پيل پراپرٽي ضبط ڪئي ويندي. واضح رھي ته هن ڪيس جو فريادي نديم خان ڪجهه سال اڳ فوت ٿي ويو هو، جوابدارن ۾ پريل وسطڙو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويوهوڪيس جو ھڪ جوابدار ياسين عمراڻي جيل ۾ آهي ۽ ٽي جوابدار قربان رند، انور حجم ۽ ارشاد ماڇي ضمانت تي آزاد ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو