قبرستان جي زمين تي ٺاهيل دوڪانن خلاف آپريشن

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ امداد بنگوار) انتظاميه پاران گهنٽا گهر چوڪ تي قبرستان مان قبضا هٽائڻ جو سلسلو جاري آهي. ڊپٽي ڪمشنر ضلع ڪشمور جو چوڻ آهي ته  هڪ سؤ کان وڌيڪ دوڪان قبرستان جي زمين تي ٺاهيا ويا آهن جن کي ڊاهڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته قبضن خلاف هي آپريشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪيو وڃي ٿو، جيڪي به دڪانون قبرستان جي زمين تي ٺهيل آهن سڄا ڊاٺا ويندا، ان موقعي تي متاثر دڪاندارن جو چوڻ هو ته اسان غريب ماڻهو روزگار ڪيون پيا هاڻي اسان جون دڪانون ڊاهي اسان کي بيروزگار ڪيو وڃي ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو