قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ظلمن کان بچائي تحفظ ڏيو؛ متاثر

دڙو (امداد ميمڻ) پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا بنا جواز تنگ ڪري رھيا آھن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، ھاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي سجاول ۽ ٻيا ادارا نوٽيس وٺي تحفظ ڏيارين. اھڙو اظھار سومرا برادري جي پورھيتن عبدالعزيز سومرو، عبدالمجيد سومرو، يونين ڪائونسل دڙو جي چونڊيل ڪائونسلر شڪيل سومرو، واپاري محمدالرحيم سومرو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ھنن چيو ته اسان پورھيت آھيون ڪافي وقت کان وٺي محنت ۽ مزدوري ڪري پنھنجي ٻچن جو پيٽ پالي عزت واري زندگي گذاري رھيا آهيون پر پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن اسانجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. ھنن چيو ته ڪجھه وقت اڳ اسانجو وڏو ڀاءُ محمد علي سومرو ڏوھاري سرگرمين جي الزام ھيٺ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد دوُران فوت ٿيو ھو ڀاءُ جي ڪنھن به غيرقانوني سرگرمين سان اسان جو ڪوبه تعلق ناھي. ان جي وفات باوجود اڃا تائين اسانجي زندگي زھر بڻيل آھي پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارا اڄ به اسان کي مرحوم ڀاءُ جي فطري رشتي سبب پريشان ڪري رھيا آھن. اسان شھر جي چونڊيل نمائيندن، واپارين ۽ ميڊيا آڏو ساک سان چئون ٿا ته اسان جو ڪنھن به غيرقانوني ڪم سان ڪوبه تعلق ناھي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته خدارا اسان کي رياستي جبر جي خوف کان جاني ۽ مالي تحفظ فراھم ڏياري عزت جي زندگي گذارڻ جو حق فراھم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو