فيصل آباد: ايف آءِ اي جي ڪارروائي، انساني اسمگلر گرفتار

فيصل آباد: ايف آءِ اي جي ڪارروائي، انساني اسمگلر گرفتار

فيصل آباد: (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي فيصل آباد ۾ ڪارروائي ڪندي هڪ انساني اسمگلر کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي موجب گرفتار ٿيل جوابدار جي سڃاڻپ بلال جي نالي سان ٿي آهي، جوابدار غير قانوني طريقن سان يورپي ملڪن ڏانهن شهرين موڪلڻ ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. هن چيو ته جوابدارن شهرين کي ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪري لکين رپيا هڙپ ڪيا هئا. جوابدار جي قبضي مان چيڪ بڪ، موبائل فون، ليپ ٽاپ، پاسپورٽ، جعلي ويزا ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته جوابدار هڪ بين الاقوامي انساني اسمگلنگ گينگ سان لاڳاپيل هو.

پهنجو تبصرو موڪليو