فيس بڪ: پاڪستان ۽ ڀارت جا سوين جعلي اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيس بڪ ۽ انسٽاگرام انتظاميا پاليسي جي خلاف ورزي ڪندڙ پاڪستان ۽ ڀارت مان هلندڙ سوين اڪائونٽس ۽ پيجز بند ڪري ڇڏيا آهن. فيس بڪ جي ترجمان ڄاڻايو آهي ته بند ڪيل اڪائونٽ ۽ پيجز هلائيندڙ پنهنجي اصل سڃاڻپ لڪائيندي فرضي نالن سان هلائي رهيا هئا. هن چيو ته اسين انهن اڪائونٽس ۽ پيجز تي فراهم ڪيل مواد جي بنياد تي نه پر سندن رويي جي ڪري بند ڪيا آهن. ڪيترائي اڪائونٽس راولپنڊي جا به آهن جيڪي فوج جي ترجمان اداري “آءِ ايس پي آر” جي ملازمن جي نالن سان هلندڙ هئا. ترجمان چيو ته اها خبر ناهي ته اهي اڪائونٽس بطور ادارو هلايا پئي ويا يا ملازمن پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ پئي هلايا. پاڪستان ۾ بند ڪيل پيجز ۽ اڪائونٽس ۾ فوج جي حمايت، ڪشمير ڪميونٽيزجي خدمت ۽ دلچسپ معلومات جي فراهمي جي دعويٰ ڪئي ويندي هئي. بند ڪيل فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي اڪائونٽس ۽ پيجزجا لکين فالوئرزهئا ۽ انهن اڪائونٽس جي پروپيگنڊا لاءِ 1100 ڊالر جا اشتهار به ڏنا ويا. هوڏانهن فيس بڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت جي ڪانگريس پارٽي جي حامين جا 687 اڪائونٽس ۽ پيجز به بند ڪيا ويا آهن جيڪي نريندر مودي ۽ سندس پارٽي خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيا هئا، اڪثر بند ڪيل اڪائونٽس ڪانگريس جي آءِ ٽي ونگ جا ملازم هلائي رهيا هئا ۽ فيس بڪ جي پاليسي جي خلاف ورزي ڪري رهيا هئا. انهن کانسواءِ ڀارت مان 300 کان وڌيڪ ٻيا پاليسي جي خلاف هلندڙ اڪائونٽ ۽ پيجز پڻ بند ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو