فواد جيڪو ڪجهه ڪري پيو، ان ۾ سرگرم ناهيان: اسد عمر

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري اسد عمر چيو آهي ته فواد چوڌري جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، مان ان ۾ سرگرم ناهيان.تحريڪ انصاف جو اڳوڻو جنرل سيڪريٽري اسد عمر لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ گلبرگ ۾ عسڪري ٽاور تي حملي ۽ جلسي گاهه بابت ڪيس ۾ پيش ٿيو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت اسد عمر جي 13 جون تائين عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت اسد عمر کي ڪيس جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ٻاهران ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ اسد عمر چيو ته فواد چوڌري سرگرم آهي ته ٻڌائيندو ته هو ڇا ڪري رهيو آهي ۽ فواد چوڌري ڇا ڪري رهيو آهي، مان ان ۾ سرگرم ناهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو