فواد اسد الله آءِ بي جو نئون ڊي جي مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فواد اسد الله انٽيليجنس بيورو جو نئون ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿي ويو. وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سينيئر آفيسر فواد اسد الله اداري جي مختلف شعبن ۾ اهم عهدن تي مقرر رهيو آهي، هو آءِ بي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل جون خدمتون انجام ڏئي رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو