فلپائن ۾ خطرناڪ سمنڊي طوفان سبب 17 ڄڻا فوت، هزارين لاپتا

فلپائن (ويب ڊيسڪ) فلپائن جي دارالحڪومت منيلا ۾ سمنڊي طوفان ڪموري هر طرف تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ مختلف حادثن ۾ هن وقت تائين 17 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي لاپتا ٿي چڪا آهن. گذريل ڏينهن سمنڊي طوفان ڪموري فلپائن جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقعي سڀ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ جزيري لوزون سان ٽڪرايو هو جنهن وڏي پيماني تي تباهي مچائيندي زندگيءَ جو نظام درهم برهم ڪري ڇڏيو آهي. غير ملڪي ميڊيا مطابق سمنڊي طوفان ڪموري سبب مختلف حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جي تعداد 17 ٿي وئي آهي جڏهن ته ڪيترائي گهر تباهه ۽ هزارين ماڻهو لاپتا ٿي چڪا آهن ۽ 15 ملين ڊالرن جو نقصان پڻ ٿي چڪو آهي. ترجمان ڊيزاسٽر ايجنسي مارڪ ٽمبل مطابق طوفان جي خطرن سبب تقريبن 3 لک 45 هزار ماڻحو حفاظتي مرڪزن ۾ موجود آهن جيڪي پنهنجي گهر واپسي لاءِ اختيارين جي منظوري جا منتظر آهن. ترجمان جو چوڻ هو ته لاپتا ماڻهن جي تلاش لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. متاثره علائقن ۾ فوج ۽ ريسڪيو اهلڪارن سميت رضاڪار پڻ حصو وٺي رهيا آهن. رپورٽ مطابق ڪموري طوفان فلپائن سان ٽڪرائڻ وارو هن سال جو 20هون طوفان آهي جڏهن ته زمين سان ٽڪرائجڻ بعد اڪثر طوفانن جي شدت ۾ گهٽتائي ايندي آهي پر هن طوفان جي شدت هن مهل تائين برقرر آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪموري طوفان جي شدت گهٽ ٿيڻ ۾ اڃا به وقت لڳندو. ٻئي طرف منيلا ۾ ٿيندڙ ڏکڻ اوڀر ايشين گيم 2019 جو شيڊول به سمنڊي طوفان سبب ٻيهر ترتيب ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو