فلم رانگ نمبر 2 جي شوٽنگ مڪمل، عيد تي رليز جي تياري

لاهور (ڊيسڪ رپورٽ) عيدالفطر جي موقعي تي سينيما گهرن جي زينت بڻجڻ واري پاڪستاني فلم “رانگ نمبر 2” جي شوٽنگ مڪمل ٿي وئي آهي. هدايتڪار ياسر نواز جي ڪاميڊي، رومانس ۽ ڊرامي سان ڀرپور لاليووڊ جي هن نئين فلم “رانگ نمبر 2” جي اڄڪلهه مشهوري مهم باقاعده جاري آهي. جنهن موجب هي فلم هلندڙ سال عيدالفطر جي موقعي تي سڄي ملڪ جي سينيما گهرن جي زينت بڻجندي. پروڊيوسر حسن ضياءَ جي پراڊڪشن هيٺ ٺهندڙ فلم “رانگ نمبر 2” 2017 ۾ رليز ٿيل سپر هٽ فلم “رانگ نمبر” جو سيڪوئل آهي، جنهن کي پراڊڪشن ٽيم جاويد شيخ، شفقت چيما، محمود اسلم، دانش نواز سميت ٻين فنڪارن جي شموليت سان وڌيڪ دلچسپ بڻايو ويو آهي. فلم جي مرڪزي ڪردارن ۾ سميع خان ۽ نيلم منير جي جوڙي کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. فلم جي شوٽنگ لاهور، ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ خوبصورت لوڪيشنز کانسواء ٿائيلينڊ ۾به ڪئي وئي آهي، ميوزڪ رائٽس کانپوءِ سيٽلائٽ رائٽس به رڪارڊ قيمت تي فائنل ڪيا ويا آهن. “رانگ نمبر 2” فلم کي عيدالفطر جي موقعي تي پاڪستاني سينيمائن ۾ڊسٽريبيوشن ڪلب جي پليٽ فارم تان رليز ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو