فلسطين ۽ ڪشمير جي صورتحال هڪ جهڙي آهي،قريشي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين کي هڪ جهڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.نيويارڪ ۾ ڪميونٽي کي خطاب ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ دفعو ٻيهر ڀارت کي ڳالهين جي آڇ ڪئي. هن چيو ته عمران خان سوداگر ناهي جو هو ڪشمير جو سودو ڪندو. ڪشمير تي اسان جو موقف ساڳيو آهي اسان باعزت طريقي سان ڳالهيون ڪنداسين.پاڙيسري ملڪ سان امن سان رهڻ چاهيون ٿا. اسان سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهيون ٿا.پرڏيهي وزير چيو ته فلسطين ۽ والاريل ڪشمير جي صورتحال ۾ هڪ جهڙائي آهي.هن وڌيڪ  چيو ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي بهتر قدم آهي. پر اهو ناڪافي آهي. اسان کي مستقل حل طرف وڌڻو آهي. اسان جا سمورن مسلمان ملڪن سان سٺا لاڳاپا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو