فريال جي اسلم ابڙو جي گهر آمد،ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي قتل تي ڏک جو اظهار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي عورت شعبي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر ايم پي اي اسلم ابڙو جي گهر پهتي.فريال ٽالپر سنڌ اسيمبلي جي ميمبر اسلم ابڙو سان سندس ڀاءُ ۽ ڀائٽي جي وحشياڻي قتل تي گهري ڏک ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت سموري پارٽي اوهان سان گڏ آهي اڪرم ابڙو ۽ شهريار ابڙو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو،ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، سعيد غني، امتياز شيخ، اڳوڻو صوبائي وزير سهيل انور سيال، وڏي وزير جو صلاحڪار اعجاز جکراڻي ۽ پارٽي اڳواڻ شيراز راڄپر پڻ موجود هئا.هواڏانهن پيپلز پارٽي عورت شعبي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فريال ٽالپر جي خيرپور جي معتبر سياسي شخصيتن سان ملاقات ڪئي جي ڊي اي جي اڳوڻي ايم اين اي ۽ درگاه هنگورجا شريف جي رهواسي سيد ڪاظم علي شاهه ۽ اڳوڻي تعلقي ناظم سوڀو ديرو ۽ فنڪشنل مسلم ليگ خيرپور جي صدر محرم علي شاهه فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ سکر بار جو اڳوڻو جنرل سيڪريٽري ۽ فنڪشنل لائرز فورم جو اڳوڻو جنرل سيڪريٽري نثار احمد ڀنڀرو، گل حسن هاري ايڊووڪيٽ، زوار ذوالفقار منگي، ممتاز علي هاري ۽ اڳوڻو ڊپٽي غلام نبي پڻ شامل هئا. زرداري هائوس ڪراچي ۾ ملاقات دوران تعليم وارو صوبائي وزير سردار علي شاهه پڻ موجود هو ملاقات دوران ڪاظم علي شاهه، محرم علي شاهه ۽ نثار احمد ڀنڀرو سميت سمورن شخصيتن پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو فريال ٽالپر چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا هٿ مضبوط ڪرڻ گهرجن،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري قائداعظم جي نظرين ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن ۽ پرچم کي برقرار رکيو آهي..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو