فرحان سعيد جو عمران خان جي حق ۾ ٽوئيٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ)اداڪار ۽ گلوڪار فرحان سعيد پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي حمايت ۾ سامهون اچي ويو آهي ۽ سندس حق ۾ پيغام جاري ڪري ڇڏيو آهي.فرحان سعيد ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته ٻڌو انهن ماڻهن کي جن قوم جي پسنديده ۽ مقبول ليڊر کي پنهنجي قوم کان پري رکيو! ائين ڪرڻ سان توهان هن قوم کي هميشه لاءِ هڪ ميڙ بڻائي ڇڏيندؤ.فرحان سعيد چيو ته اها ٻي ڳالهه آهي ته توهان چاهيو ٿا پر الله تعاليٰ هن قوم جي تقدير ۾ ڪجهه ٻيو لکيو آهي، انشاءَ الله.

پهنجو تبصرو موڪليو