فرحان سعيد جو عروه حسين سان پيار

لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪار ۽ گلوڪار فرحان سعيد پنهنجي زال، اداڪارا ۽ گلوڪاره عروه حسين سان پيار جو اظهار ڪيو آهي.عروه حسين ۽ فرحان سعيد جي جوڙي پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي واحد جوڙي آهي جنهن تي تنقيد ڪندڙن جي ڪا به کوٽ ناهي، اها جوڙي انڊسٽري ۽ مداحن جي دلين ۾ هڪ خاص جڳهه رکي ٿي.فرحان سعيد پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي عروه حسين سان گڏ هڪ نئين تصوير اپ لوڊ ڪئي آهي جنهن مداحن جون دليون پسائي ڇڏيون آهن.فرحان سعيد هن تصوير جي ڪيپشن ۾ پنهنجي زال لاءِ پنهنجي هڪ مشهور گاني جا ليڪ پڻ لکيا آهن، جنهن جو نالو آهي ’دل هي ميرا تيري دل سي جا ملا هي‘.فرحان سعيد جي ان پوسٽ تي نه رڳو مداح پر شوبز انڊسٽري جون مشهور شخصيتون به هن جوڙي لاءِ بيحد پيار جو اظهار ڪري رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو