فارغ ڪيل ملازم جو بحاليءَ لاءِ پٽن سميت احتجاج

عادلپور(اسلم مهر) ڳوٺ عارب مهرجي رھواسي خليل احمد مھر پنھنجي ٻن پٽن سان گڏ نوڪري جي بحالي لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو ته ٻيلي کاتي گھوٽڪي ۾  2007ع  کان ٽي سالن تائين لڳاتار ڊيوٽي ڪئي جنھن بعد بغير ڪنھن سبب جي نوڪري تان فارغ ڪيو ويو آهي. گذريل نون سالن کان نوڪري نه ھجڻ ڪري فاڪاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيان. هن چيو ته ٻني ٻارو نه  ھجڻ ڪري نوڪري تان ھٽائڻ بعد پنھنجي پٽن سميت ھوٽل تي مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پالڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو پر  فيملي وڏي ھجڻ ڪري ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن. ھن چيو  ته ٻين فارغ ٿيل ملازمن مان ڪجھ من پسندن کي ٻيھر نوڪري تي بحال ڪيو ويو آھي پر منھنجي سفارش نه ھجڻ ڪري بحال نٿو ڪيو وڃي. ھن چتاءَ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مون کي نوڪري تي بحال نه ڪيو ويو ته پنھنجو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس.  ھن ڊي سي گھوٽڪي سميت ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوڪري تي بحال ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو