فائزر ويڪسين مخصوص ماڻهن کي لڳائي رهيا آهيون،اسد عمر

 اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي وزير ۽ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته اسان وٽ فائزر ويڪسين جو انگ محدود آهي ان لاءِ اها مخصوص ماڻهن کي لڳائي پئي وڃي.اسلام آباد ۾ ويڪسينيشن سينٽر جي افتتاحي تقريب کان پوءِصحافين سان ڳالهيون ڪندي اسد عمر چيو ته پمز ۾ رش گهٽ هجڻ سبب ويڪسينيشن سينٽر وڌائي رهيا آهيون. پاڪستان ۾ ويڪسينيشن سينٽر جو انگ 1700 تائين پهچي چڪو آهي جنهن کي 4 هزار تائين کڻي وڃڻ جو حدف آهي. هن چيو ته ملڪ جي ايوان صنعت ۽ واپار کي ويڪسين جي حوالي سان تعاون جو چيو آهي. جڏهن ته مالز ۾ ويڪسين جي شروعات سٺي آهي ڇو ته مالز جو ڪاروبار تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.ڪاروبار کولڻ چاهيون ٿا ان لاءِ اهو چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ ويڪسينيشن جو عمل تيز ٿئي. ڪورونا ويڪسين جي رجسٽريشن ۾ اضافو ٿيو آهي. اسلام آباد رجسٽريشن ۽ ويڪسين لڳرائڻ جي حساب سان پهرين نمبر جو شهر آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ چين جي ويڪسين لڳائي پئي وڃي. اسان جي ملڪ ۾ فائزر ويڪسين جو محدود انگ آهي. ان لاءِ اها مخصوص ماڻهن کي لڳائي پئي وڃي.حج تي ويندڙ ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪندڙن کي به فائزر لڳائي ويندي. ان کان علاوه پاڪ ويڪ ويڪسين به عوام کي لڳي رهي آهي. هر ملڪ پنهنجي پسند جي ويڪسين لڳائيندو ته ان سان سموري دنيا کي نقصان ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو