فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار ٿيل وقعن ۾ هڪ قتل 2 زخمي

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ امداد حسين بنگوار)شهر ۾ ٻن الڳ الڳ واقعن ۾ هڪ پشتو پٺاڻ قتل ۽ هڪ ٻيو پٺاڻ  زخمي ٿيو پيو جنهن کي ھڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي نيو ويو. سي سيڪشن ٿاڻي جي حد اندر باءِ پاس تي هوٽل مالڪ محمد عيسي کي نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ٻن هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. فائرنگ ۾  ڊرائيور جنت گل سخت زخمي ٿي پيو. هٿياربند فائرنگ ڪندي آساني سان فرار ٿي ويا، قتل ٿي ويل محمد عيسي جو لاش وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي رکي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته قاتل گرفتار ڪيا وڃن، ان موقعي تي ايس ايس پي ڪشمور وارثن سان ڳالهيون ڪري قاتلن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو . ٻيو واقعو ڪنڌڪوٽ مرزا پور محله ۾ پيش آيو، رسالدار روڊ تي ڪپڙي جي دڪان جو مالڪ گل خان گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو. زخمي گل خان پٺاڻ کي  سول اسپتال ڪنڌڪوٽ ۾ طبعي امداد بعد لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو ذريعن جو چوڻ آهي ته هي واقعو زمين جي تڪرار سبب پيش آيو آهي، تڪرار ڀائرن جو پاڻ ۾ زمين تي هلندڙ هيو، هن واقعي جو اڃان تائين ڪيس داخل ڪو نه ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو