غير قانوني لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج، ٽائرن کي باهيون

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) ريشم گهٽي ۽ شاهي بازار جي دوڪاندارن پاران بجلي جي غير قانوني لوڊشيڊنگ، غير قانوني ڪنيڪشن ڏيڻ ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ٺاروشاهه چوڪ وٽ ڌرڻو هڻي مين روڊ کي بند ڪيو ويو. دوڪاندارن ۽ شهرين ٽائرن کي باهيون ڏنيون. احتجاج ڪندڙ سيپڪو عملدارن خلاف نعره هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي دوڪاندار اڳواڻن وزير وڳڻ، خالد عباسي، عرفان ميمڻ، ممتاز ڀرٽ ۽ ٻين چيو ته ريشم گهٽي واري ٽرانسفارمر مان سيپڪو عملي پاران غير قانوني ڪنيڪشن جاري ڪيا ويا جنهن ڪري ٽرانسفارمر جو سڙڻ روز جو معمول بڻيل هو جنهن ڪري دوڪاندارن پاران شڪايتون ڪرڻ بعد ريشم گهٽي واري ٽرانسفارمر کي غير قانوني ڪنيڪشنن کان صاف ڪيو ويو ۽ ايل ٽي ڪٽي ميٽر مان سڌيون تارون جاري ڪيون ويون جنهن سان ٽرانسفارمر سڙڻ وارو سلسلو ختم ٿي ويو هو پر هاڻي وري سيپڪو عملي ڪٽيل ايل ٽي لڳائي غير قانوني ڪنيڪشن جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري ٽرانسفارمر ٻيهر سڙڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. هنن چيو ته ٽرانسفارمر سڙڻ ڪري هفتن جا هفتا نه ٿو لڳايو وڃي جنهن ڪري سندس ڪاروبار سخت متاثر ٿئي ٿو. هنن چيو ته سيپڪو پاران شهر ۾ غير قانوني لوڊشيڊنگ به ڪئي وڃي ٿي جنهن ڪري ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيا آهن. هنن چيو ته غير قانوني ڪنيڪشن ڏيندڙ سيپڪو عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شهر مان هٿرادو لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو وڃي ٻيءَ صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو