غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اسرائيلي فوج امداد جي انتظار ۾ ويٺل ماڻهن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 17 فلسطيني شهيد ۽ 30 زخمي ٿي پيا.عرب ميڊيا موجب ديرالبله ۾ مقزي پناهگيرن جي ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا.ٻئي طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل لبنان ۾ گڏيل قومن جي مشن جي گاڏي ڀرسان شيلنگ جي مذمت ڪئي آهي.اسرائيلي فائرنگ ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جا 3 اهلڪار ۽ هڪ مقامي ترجمان زخمي ٿي پيا.










