غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ 27 فلسطيني شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي جهازن جباليا جي پناهگير ڪئمپ تي بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا.عرب ميڊيا موجب اسرائيلي جهازن جي بمباري سبب ڪيترائي فلسطيني زخمي ٿي پيا، جڏهن ته غزه جي ٻين علائقن ۾ اسرائيلي حملن ۾ 27 فلسطيني شهيد ٿي ويا.شهيدن ۾ ڪيترائي ٻار، 72 ورهين جو سرجن ۽ سندس پٽ شامل آهن.گڏيل قومن جي امدادي اداري موجب اسرائيلي ناڪابندي سبب غزه جي امداد ختم ٿيڻ واري آهي.عرب ميڊيا موجب اتر اسرائيل ۾ راڪيٽ حملي سبب سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا، غزه مان فائر ڪيل راڪيٽ سبب ڏکڻ اسرائيل ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو