اسرائيل يرغمالين جي بازيابي تائين جنگبندي رد ڪري ڇڏي

تل ايب (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي وزيراعظم غزه جي پٽي تي قبضو ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪندي يرغمالين جي آزاد ٿيڻ تائين جنگ بندي جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو.پرڏيهي ٽي وي اي بي سي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو ته حماس سان جنگ کانپوءِ اسرائيل اڻڄاتل مدي تائين غزه جي پٽي جي سيڪيورٽي جي مجموعي ذميواري قبول ڪندو، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته حماس سان جنگ کانپوءِ غزه جي پٽي جي سيڪيورٽي جي مجموعي ذميواري غيرمعمولي مدي تائين سنڀالي ويندي. نيتن ياهو چيو ته حماس طرفان يرغمالين کي آزاد ڪرڻ تائين غزه ۾ جنگ بندي نه ٿيندي.اسرائيلي وزيراعظم غزه جي ڏکڻ ۽ اترين علائقن کي ورهائڻ کانپوءِ اسرائيلي فوج طرفان وڌيڪ علائقن تي قبضي جي دعويٰ پڻ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو