عزه (ويب ڊيسڪ)ڇنڇر جي صبح غزه مان حماس جي جنگجوئن زميني، سامونڊي ۽ پيرا گلائيڊنگ ذريعي اسرائيل تي اوچتو حملا شرپع ڪري ڏنا. حماس موجب 7 هزار راڪيٽ فائر ڪيا ويا، جنهن سبب 40 کان مٿي اسرائيلي شهري مارجي ويا. جنهن کانپوءِ حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ شروع ٿي وئي. آمريڪي ميڊيا موجب حماس جي فوجي ونگ اڄ صبح اسرائيل خلاف آپريشن الاقصيٰ طوفان جو اعلان ڪندي 7 هزار راڪيٽ فائر ڪيا.عالمي ميڊيا رپورٽن موجب حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ نئين جنگ لڳي وئي آهي، غزه مان اسرائيل تي هزارين راڪيٽ فائر ڪيا ويا. اسرائيلي ميڊيا موجب غزه تي اسرائيلي حملن سبب 10 کان مٿي فلسطيني به مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.اسرائيلي دفاع واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته حماس جا ويڙهاڪ غزه مان اسرائيلي حدن ۾ داخل ٿيا آهن.عرب ميڊيا موجب حماس ويڙهاڪن غزه جي پٽي جي ڀرپاسي يهودي آبادين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، ويڙهاڪن دعويٰ ڪئي آهي ته هنن سرحد تي لڳل اسرائيلي هٿياربند جهازن تي حملو ڪري ان ۾ سوار اسرائيلي اهلڪارن کي ماري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز ۾ اسرائيل ۾ داخل ٿيندڙ حماس جي ويڙهاڪن کي اسرائيلي شهرين کي نشانو بڻائيندي ڏسي سگهجي ٿو، حماس دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيل تي 7 هزار راڪيٽ فائر ڪيا ويا، ڪيترن ئي اسرائيلي فوجي علائقن کي نشانو بڻايو. حماس جي اڳواڻ محمد دائف اعلان ڪيو آهي ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته چوڻ لاءِ هاڻي گهڻو ٿي ويو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ ويڊيو ۾ قتل ٿيل عورت اسرائيلي فوجي جو ننگو لاش گاڏي ۾ گهمايو ويو. هڪ اسرائيلي ٽينڪ اندر فوجي کي قتل ڪري ٽينڪ مان سندس لاش ٻاهر اڇلي مٿس تشدد ڪيو ويو.
