عيد کان پوءِ مرحليوار ٻين ضلعن ۾ بس سروس متعارف ڪرائڻ جو به فيصلو

عيد کان پوءِ مرحليوار ٻين ضلعن ۾ بس سروس متعارف ڪرائڻ جو به فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ عوام لاءِ نئین خوشخبري ڏني آهي.سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ کاتي ڪراچي جي ٽرانسپورٽ سسٽم ۾ وڌيڪ اي وي بسون شامل ڪرڻ جڏهن ته ڪراچي شهر ۾ وڌيڪ ڊبل ڊيڪر بسون آڻڻ آهن جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ حڪومت عيد کان اڳ ڪراچي ۾ اي وي بسن جا نوان روٽ شروع ڪرڻ ۽ عيد کان پوءِ مرحليوار ٻين ضلعن ۾ پیپلز بس سروس متعارف ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته اي وي ٽيڪسي سروس جي شروعات بابت پڻ اهم پيش رفت ٿي آهي.سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جو هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪنول نظام ڀٽو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، نوان روٽ شروع ڪرڻ، ڊبل ڊيڪر بسون وڌائڻ ۽ ٻين اهم معاملن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي روڊ انفراسٽرڪچر سان لاڳاپيل مسئلن بابت پڻ اجلاس کي آگاهي ڏني.اجلاس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي سڀني روڊن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ پيپلز بس سروس جي روٽس تي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل وزارت سان به ڳالهایو ویندو.هن چيو ته عيد کان اڳ ڪراچي ۾ اي وي بس سروس جا نوان روٽ شروع ڪيا پيا وڃن ۽ گلشن معمار کان ٽاور تائين اي وي بس جو نئون روٽ پڻ ايندڙ هفتي شروع ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته عيد کان پوءِ مرحليوار هي سروس سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ متعارف ڪرائي ويندي ۽ عيد کان پوءِ حيدرآباد، ٽنڊي الهيار، سکر، شڪارپور ۽ خيرپور ۾ به پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته پيپلز بس سروس کي ٻين شهرن تائين وڌائڻ جو مقصد وڌ کان وڌ شهرين کي جديد ۽ قابل اعتماد سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عيد الفطر کان پوءِ سنڌ بينڪ، ايس اي ڊي ايف ۽ ايس ايم ٽي اي وچ ۾ اي وي ٽيڪسي منصوبي بابت ايم او يو تي صحيحون ڪيون وينديون.هن چيو ته سنڌ حڪومت ماڻهن کي معياري، سستي ۽ ماحول دوست سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مسلسل قدم کڻي رهي آهي ۽ عوامي سهولت جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻندي رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو