پيٽرول ۾ واڌ جي سمري رد، قيمتون برقرار رکڻ جو اعلان

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان پيٽروليم جي قيمتن ۾ واڌ بابت اوگرا جي سمري رد ڪندي اينڊر 15 ڏينهن لاءِ ساڳيون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن جو اعلان شهباز گل ٽوئٽر تي ڪيو. ان کان اڳ اها خبر آئي ته پهرين مئي کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 5 کان 10 روپيا في لٽر واڌ جي سمري اوگرا وزيراعظم کي موڪلي آهي. ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 6رپيا في لٽر تائين واڌ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 6رپيا في لٽر تائين وڌي سگهي ٿي، ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن جو حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم عمران خان جي صلاح مشوري بعد ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو