ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) خاتونِ اول آصفه ڀٽو زرداري عورتن سفارتڪارن جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته عورتون سفارتڪار عالمي امن ۽ سهڪار ۾ اهم (ڪليدي) ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.پنهنجي پيغام ۾ آصفه ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستاني عورتن سفارتڪاريءَ جي ميدان ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ عالمي سطح تي ملڪ جو هاڪاري ايميج (مثبت تشخص) اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.خاتونِ اول چيو آهي ته بيگم رعنا لياقت علي خان کان وٺي بينظير ڀٽو تائين روشن مثال موجود آهن، خاتونِ اول نوجوان عورتن کي سفارتڪاريءَ جي شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي ترغيب ڏني. وڌيڪ برآن، سندس چوڻ هو ته عورتن جون ڪاميابيون پوري قوم لاءِ باعثِ فخر آهن ۽ سندن خدمتون ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه آهن.










