عورتاڻي آواز تي هرکجي اغو ٿيل جي وارثن کان 50 لک ڀنگ طلب

فيض گنج(وسيم سولنگي) ڳوٺ ڀنگو بهڻ واسي نوجوان ماجد پٽ حفيظ الله راڄپر مبينه طور تي اغوا ٿي ويو آهي، نوجوان کي اغوا ڪندڙ ڏوهارين وارثن کان نوجوان جي بازيابي لاء 50 لک رپيا طلب ڪندي ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. ان سلسلي ۾ نوجوان جي والد حفيظ الله راڄپر فيض گنج ٿاڻي تي پهچي پوليس کي بيان ڏيندي ٻڌايو ته منهجو پٽ هڪ عورت سان ڳالهائيندو هو هي خيرپور ڊومسائيل ٺهرائڻ لاء ويوهو، جتان پر اسرار طور گم ٿيو، جنهن بعد ايس ايس پي خيرپور کي آگاهه ڪيو، جنهن به نوجوان جي فون ٽريس ڪرائي ٻڌايو ته سندس لوڪيشن ڪشمور ۾ ملي آهي. هن چيوته اغوا ڪندڙ مون کي فون ڪري 50 لک رپين جي گهر ڪئي آهي آءُ غريب آهيان منهنجي مدد ڪري پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي. ايس ايڇ او فيض گنج تصديق ڪندي چيوته نوجوان ماجد  کي ٽي ڏينهن  اڳ ۾ فون ڪري عورت جي آواز ۾ گهرائي روهڙي لڳ  اغوا ڪيو ويو آهي جيڪا اسان جي خيرپور جي حد نه آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو