عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل 2 ڳوٺاڻا بازياب

ٺل(عبدالنبي شيخ) عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيل 2 ٺُل واسي چڱن مڙسن جي ڪوششن سان بازياب ٿي گهر پهچي ويا، پوليس آخر تائين خاموش رهي. ٺل جي ڳوٺ ڪريم بخش کوسو جا رهواسي ڳوٺاڻا احسان بنگلاڻي ۽ علي حسن بنگلاڻي 5 ڏينهن اڳ ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيا هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته عورتاڻي آواز ۾ هرکجي ويل ٻنهي ڳوٺاڻن کي راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ڪرايو ويو آهي ۽ 5 ڏينهن کانپوءِ مغوي گهر پهچي ويا، جنهن کانپوءِ گهرڀاتين ۾ خوشيءَ جي لهر پکڙجي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو