عوام جي مدد ڪرڻ پهرين ترجيح آهي؛ موٽروي پوليس

سکر (بيورو رپورٽ) ايس ايس پي موٽر وي سکر آفيس ۾ سيڪٽر ڪمانڊر موٽر وي  سکر يونس خان جي سربراهي ۾ سکر سيڪٽر جي ڊي ايس پيز ۽  ايڊمن آفيسرن سان آپريشنل ميٽنگ منعقد ڪئي ڪئي، جنهن ۾ سکر سيڪٽر جي مجموعي  ڪارڪردگي جو جائزو  ورتو ويو، جنهن ۾ آءِ جي موٽر وي اي ڊي خوا جه ۽ ڊي آءِ جي موٽر  وي سنڌ ڊاڪٽر مسرور عالم ڪولاچي جي خصوصي هدايتن جي روشني ۾ خاص  طور آئل ٽينڪر ۽ مسافر بسن جي حادثن جي روڪٿام لاءِ وڌيڪ موثر قدم کڻڻ لاءِ سکر سيڪٽر جي سمورن ڊي ايس پي کي حڪم جاري ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊي ايس پيز  طرفان سيڪٽر ڪمانڊر موٽر وي سکر کي تازو کنيل  قدمن بابت آگاهه ڪيو، جنهن ۾ آئل ٽينڪ ۽ مسافر بسن جي ڊرائيورن کي خاص طور رات جي وقت منهن ڌورائڻ، سندن فٽنيس جاچڻ سميت ٽريفڪ قانون بابت خصوصي بريفنگ ڏيڻ شامل آهي، ان موقعي تي سيڪٽر ڪمانڊر موٽر وي سکر سمورن ڊي ايس پيز کي موثر پيٽرولنگ ۽ مسافرن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ محنت  سان ڊيوٽي جا فرض نڀائڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون. جڏهن ته سمورن موٽر وي آفيسرن کي  نيشنل هاءِ وي تي مسافرن کي ڪنهن به قسم جي مدد جي صورت ۾ فوري طور تي سندن مدد ڪرڻ  ۽ ڊپارٽمينٽ جو نالو وڌيڪ روشڻ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو