عوامي ڪاوڙ ۽ ميڊيا جي تنقيد بعد گيس رليف آرڊيننس واپس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان عوامي ڪاوڙ ۽ ميڊيا جي سخت تنقيد بعد وڏن صنعتڪارن کي گيس سيس تي ڏنل اڌ رقم جي ڇوٽ وارو جاري ڪيل آرڊيننس واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته جنوري 2012 کان ڊسمبر 2018 تائين گيس انفراسٽرڪچرڊولپمينٽ سيس(جي آءِ ڊي سي) جي مد ۾ 417 ارب روپيا واجب الادا آهن جيڪي بجلي گهرن، فرٽيلائيزر ۽ سي اين جي سيڪٽر کي ادا ڪرڻا آهن، جنهن مان 85 سيڪڙو رقم رهيل آهي. سپريم ڪورٽ حڪومت جي درخواست رد ڪئي هئي ۽ بعد ۾ حڪومت جي اپيل به رد ڪئي وئي. جنهن بعد معاملو هاءِ ڪورٽس ۾ هليو ويو ۽ بعد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ۾ آيو. وزيراعظم چيو آهي ته اسين شفافيت ۽ بهتر حڪمراني خاطر هي 27 آگسٽ تي جاري ڪيل آرڊيننس واپس ٿا وٺون. هن خبردار ڪيو آهي ته عدالتي فيصلو ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ 150 کان 160 ارب روپيا جيڪي ملڻا هئا اهي نه به ملي سگهن ٿا ۽ الٽو حڪومت کي ريفنڊ جي مد ۾ ايترا پئسا ڀرڻا به پئجي سگهن ٿا. هاڻي معاملو سپريم ڪورٽ طئي ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو