لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ڪجهه شهرن ۾ صفائي جي غير تسلي بخش صورتحال تي ڪاوڙ جو اطهار ڪيو آهي. هن چيو ته صوبي ۾ غير معياري ڪارڪردگي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ڪندڙن کي ڪنهن به قسم جي رعايت نه ملندي.وزيراعليٰ مريم نواز سٿرا پنجاب جي نجي ٺيڪيدارن خلاف غير معياري ڪارڪردگي تي ڪارروائي جي وارننگ ڏئي ڇڏي، مريم نواز چيو ته فنڊز ڏيڻ جي باوجود بهترين رزلٽ نه اچڻ افسوسناڪ آهي.صفائي جي صورتحال تسلي بخش نه هجڻ تي سٿرا پنجاب ڪنٽريڪٽ ٻيهر ڪرڻ تي به غور ڪيو ويو. سٿرا پنجاب جو جيڪو ڪنٽريڪٽر ڪم معياري نه ڪندو انهي جي ادائيگي فوري طور تي معطل ٿيندي. پنجاب حڪومت ڪچري وارا ڊٻا روز ڌوئڻ جي هدايت ڏني، ويسٽ انڪلوزر کي چارديواري ڏئي بند ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.ڪجهه ضلعن جي ڪجهه سرڪاري اسپتالن ۾ پوري طرح سان فري دوائون نه ملڻ جو سخت نوٽيس به ورتو ويو، وزيراعليٰ پارڪنگ ايرياز، بس اسٽينڊ، اڏن ۽ سمورن عوامي هنڌن جي مثالي صفائي جو حڪم ڏنو.وزيراعليٰ گڊ گورننس يقيني بنائڻ جي لاءِ سمورن ڊپٽي ڪمشنرز کي ويجي لينس ٽيمون ٺاهڻ جو حڪم به جاري ڪيو. مسجدن جي وضو خاني جو پاڻي وڻڪاري جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي وئي.پرائيويٽ هائوسنگ سوسائٽيز ۾ صفائي، مين هول، ڍڪڻ ۽ اسٽريٽ لائٽس يقيني بنائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. سرڪاري حڪمن تي عملدرآمد يقيني نه بنائيندڙ هائوسنگ سوسائٽيز کي ڏنڊ لڳائڻ جي تجويز تي اتفاق ڪيو ويو آهي.مسلسل غير معياري ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ضلعي سربراهن کي تبديل ڪرڻ جي وارننگ به ڏني وئي آهي. 2 وارننگ کان پوءِ ٽئين وارننگ تي لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر کي هٽايو ويندو.پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته فنڊز ڏيڻ جي باوجود بهترين رزلٽ نه اچڻ افسوسناڪ آهي. هن چيو ته عوام جي خدمت جي معاملن ۾ ڪنهن به غلطي يا ڪوتاهي جي هرگز گنجائش نه آهي. پنجاب جي هر شعبي ۾ نيڪسٽ ليول گورننس ضروري آهي. هن چيو ته انتظاميه کي پورا اختيار، فنانس ۽ اعتماد ڏنو هاڻ 100 سيڪڙو رزلٽ گهرجي.پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته پنجاب گڊ گورننس ۾ ٻين صوبن کان ڪافي بهتر آهي پر مان مطمئن نه آهيان، نيڪسٽ ليول جو معيار هجڻ گهرجي.










