عمران جي گرفتاري جو سوچيون ٿا ته ضمانت ملي ٿي وڃيس: راڻا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيون ته ضمانت ٿي وڃي. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته زمان پارڪ نو گو ايريا هو، نو گو ايريا ڪليئر ڪيو ويو آهي، زمان پارڪ ۾ آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته پوليس جڏهن نو گو ايريا ڪليئر ڪرڻ لاءِ وئي ته غير هٿياربند هئا، پوليس تي پٿر اڇلايا ويا، پوليس سڄو علائقو غير مسلح ڪري ڇڏيو، پوليس ان علائقي ۾ داخل نه ٿي جتي عمران خان جي زال آهي، ايتري اشتعال انگيزيءَ جي باوجود اڄ به پوليس بغير هٿيارن جي آپريشن ڪري انساني جانيون ضايع نه ٿين.راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان ۽ سندس قيادت جو نالو سمورن ڪيسن ۾ سامهون ايندو، جيڪي به گرفتار ٿيا آهن انهن کي چالان ۾ شامل ڪيو ويندو، آءِ جي پنجاب ٻڌائيندو ته اتي ڇا مليو، ان کانپوءِ اها سياسي جماعت هوندي، جماعت اسلامي جو وجود ناهي. عمران خان فتن آهي، هو ملڪ ۾ فساد ۽ انتشار چاهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو